اسلام آباد-25 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪوئيٽه جي علائقي ۾ بارودي سرنگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل 4 ايف سي جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي پيغام ۾ هن شهيد ايف سي جوانن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. اسپيڪر چيو ته ايف سي جي بهادر پُٽن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ايف سي جي جوانن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته وڳوڙيون ڌُريون ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي مڪروه سازش ۾ ملوث آهن. ملڪ جي امن کي نقصان پهچائيندڙ ڌُريون پنهنجي مڪروه سازش ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اسپيڪر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.