اسلام آباد-25 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ( پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن ۾ اڄ ڇنڇر تي واحد ميچ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي 10 هين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ جي 16 ميچ ۾ ڇنڇر تي لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون قذافي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم لاهور ۾ آمهون سامهون ٿينديون، ميچ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. لاهور قلندرز کي مشهور فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ليڊ ڪري رهيو آهي، لاهور قلندرز جي ٽيم 4 پوائنٽس سان پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي آهي، ملتان سلطانز جي ٽيم مشهور وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي. ملتان سلطانز جي ٽيم 5 ميچ کيڏي چڪي آهي پر اڃان تائين هو هڪ ميچ کٽي سگهي آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي سڀني کان هيٺئين نمبر تي آهي، ٽورنامينٽ جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏيو ويندو.