ڊلاس-24 اپريل(اي پي پي)آمريڪا ۽ زمبابوي جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ( اڄ ) جمعي ڏينهن گرينڊ پريري اسٽيڊيم ڊلاس ۾ کيڏي ويندي، زمبابوي جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه آمريڪا جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان ويمنز ٽيم خلاف ٽي – ٽوئنٽي ۽ ٻن ون ڊي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي . آمريڪا ۽ زمبابوي جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات اڄ جمعي تي پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ سان ٿيندي اها ميچ گرينڊ پريري اسٽڊيم، ڊلاس ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز جي ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 27 اپريل تي کيڏي ويندي جڏهن ته آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 29 اپريل تي کيڏي ويندي . ٽي- ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ بعد ٻن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ پهرين مئي تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي آخري ون ڊي ميچ ٽي مئي تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي – ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز جون سموريون ميچون گرينڊ پريري اسٽيڊيم، ڊلاس ۾ کيڏيون وينديون.