لنڊن -23 اپريل (اي پي پي)انگلش پريمئير ليگ جي دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي ميچ ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب آسٽن والاجي ٽيم کي 2-1 جي گول تان هارائي ڇڏيو .دفاعي چيمپئينز مانچسٽر سٽي جي اي پي ايل ۾ 18هين ڪاميابي آهي . نارڊوسلوا ۽ ميٿهيس نونس هڪ هڪ گول ڪري مانچسٽر جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، پريمئير ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن جنهن ۾ مداحن کي سخت ۽ دلچسپ ميچون ڏسڻ لاءِ ملي رهيون آهن. مانچسٽر ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي ۽ آسٽن والا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون .مانچسٽر سٽي جي ٽيم ميچ ۾ شاندار ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪري آسٽن والا جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي ڇڏيو .