لنڊن -22اپريل (اي پي پي) ناٽنگهم فارسٽ انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي بعد ٽوٽنهم هاٽ پور جي ٽيم کي2-1 گول تان هارائي ڇڏيو، اها ناٽنگهم فاريسٽ جي اي پي ايل ۾ 18 هين ڪاميابي آهي. ايليٽ اينڊرسن ۽ ڪرس ووڊ هڪ هڪ گول ڪري ناٽنگهم فاريسٽ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پريمئير ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن. ٽوٽنهم هاٽ پور اسٽيڊيم لنڊن ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ ناٽنگهم فاريسٽ ۽ ٽوٽنهم هاٽ پور جون ٽيمون آمهون سامهون هيون. ناٽنگهم فاريسٽ جي ٽيم ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽوٽنهم هاٽ پور جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي ڇڏيو . ناٽنگهم فاريسٽ پاران ايليٽ اينڊرسن ۽ ڪرس ووڊ هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ٽوٽنهم هاٽ پور جي ٽيم پاران ميچ ۾ واحد گول رچرليسن اسڪور ڪيو.