نئين دهلي-22 اپريل (اي پي پي ) انڊين پريمئير ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ليگ ۾ اڄ (اربع ) ڏينهن وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي . ليگ جي 41 هين ميچ سن رائيزرز حيدرآباد ۽ ممبئي انڊينز وچ ۾ راجيو گانڌي انٽرنيشنل استيڊيم حيدرآباد ۾ کيڏي ويندي. سن رائيزرز حيدرآباد جي ٽيم جي اڳواڻي آسٽريلوي مشهور آل رائونڊر پيٽ ڪمنز ڪندو جڏهن ته ممبئي انڊينز جي قيادت مشهور آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا ڪندو . ليگ جي 18 هين ايڊيشن ۾ شامل 10 ئي ٽيمون فائينل سميت مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏنديون. فائينل 25 مئي تي شيڊيولڊ ٿيل آهي.