راولپنڊي-20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي
سلسلي ۾ 11هين ميچ اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ نيشنل اسٽيڊيم،
ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ميچ رات جو 08 وڳي شروع ٿيندي. ڪراچي ڪنگز
کي اڳوڻو آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر ليڊ ڪندو جڏهن ته پشاور زلمي جي ٽيم
بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. پي ايس ايل جي ان اهم مقابلي ۾ ٻئي
ٽيمون پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجي پوزيشن بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون.
ڪرڪيٽ مداحن کي ڪراچي جي تاريخي اسٽيڊيم ۾ دلچسپ مقابلو ڏسڻ لاءِ
ملندو. ميچ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته

سيڪيورٽي جا پڻ سخت انتظام ڪيا ويا آهن.