راولپنڊي -19 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي
سلسلي ۾ ڏهين ميچ (اڄ) آچر تي ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾
نيشنل اسٽيديم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، ميچ رات 8 وڳي شروع ٿيندي. ڪراچي
ڪنگز کي اڳوڻي آسٽريلوي بهترين بيٽسمين ڊيوڊ وارنر ليڊ ڪري رهيو آهي.
ڪراچي ڪنگز ٽن مان ٻه ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي آهي.
دفاعي چيمپيئن اسلام آباد آل رائونڊر شاداب خان جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ شروعاتي ٽي ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي
آهي.