اسلام آباد -19 اپريل (اي پي پي)ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب
ورلڊ بئنڪ گروپ/ آءِ ايم ايف جي بهار واري موسم 2025ع اجلاسن ۾ شرڪت
لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو. ورلڊ بئنڪ گروپ / آءِ ايم ايف جي موسم بهار
اجلاس (سڀاڻي) سومر 21 اپريل کان شروع ٿي ڇنڇر 26 اپريل تي ختم ٿيندو.
ناڻي واري وزارت طرفان گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب ناڻي وارو وزير
محمد اورنگزيب اجلاسن ۾ شرڪت دوران عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اعليٰ
اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. پنهنجي دوري دوران ناڻي وارو وزير چين،
برطانيه، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي ناڻي وارن وزيرن ۽ هم منصب اڳواڻن
سان پڻ ملاقاتون ڪندو. آمريڪا جي اسٽيٽ ۽ ٽريزري ڊپارٽمينٽس جي اعليٰ
اختيارين سان ملاقاتون به سندس دوري جو حصو آهن. ناڻي واري وزير دوري
دوران عالمي ڪريڊٽ ريٽنگز ايجنسين، ڪمرشل ۽ سيڙپڪار بئنڪن جي
اختيارين سان به ملاقاتون ڪندو. ناڻي وارو وزير سيڙپڪار فورمز ۽ سيمينارز
کي خطاب دوران ملڪ جي معاشي منظرنامي کي واضح ڪندو جڏهن ته
موسمياتي قدمن لاءِ قائم ناڻي وارن وزيرن جي اتحاد جي تيرهين وزارتي ويهڪ
۾ به شرڪت ڪندو. ناڻو وارو وزير جيفريز انٽرنيشنل جي انتظام هيٺ اداره
جاتي سيڙپڪارن سان هڪ گول ميز گڏجاڻي ۾ پاڪستان جي معاشي منظرنامي،
تازي ترين مالي ۽ مالياتي اڳڀرائين ۽ سڌارن تي اڳڀرائي ۽ آءِ ايم ايف سان
رابطن جي موضوعن تي خيالن جو اظهار ڪندو. ناڻي وارو وفاقي وزير محمد
اورنگزيب سينٽر فار گلوبل ڊولپمينٽ (سي جي ڊي) جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾
جاري سڌارن ۽ مستقبل ۾ درپيش چئلينجز تي منعقد هڪ گڏجاڻي کي به خطاب
ڪندو ۽ گيٽس فائونڊيشن جي عالمي پاليسي ۽ وڪالت جي شعبي جي صدر
گارجي گوش سان ملاقات ڪندو. ناڻي وارو وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري
جنرل جي مالي صحت بابت خاص صلاحڪار ۽ جي-20 جي مالي شموليت
بابت عالمي شراڪت جي اعزازي سرپرست نيڌر لينڊز جي راڻي ميڪسما سان
پڻ ملاقات ڪندو. ان کان علاوه هو آمريڪا جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس جو دورو
۽ ناڻي واري وزير اٽلانٽڪ ڪائونسل سان 2025ع ۽ مستقبل ۾ پاڪستاني
معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن جي موصوع تي خطاب ڪندو. ان کان
علاوه هو چونڊيل عالمي ۽ آمريڪي سڌ سماءَ وارن نمائندن سان به ملاقات
ڪندو.