اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) آءِ سي سي ويمنز ورلڊڪپ ڪوالفائر 2025ع جو ايونٽ پاڪستان ۾ شروع ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتھائي دلچسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلا ڏسڻ وٽان ملي رھيا آھن. ٽورنامينٽ ۾ 19 اپريل اڄ (ڇنڇر ڏينھن) وڌيڪ آخري ميچن جو فيصلو ٿيندو. آءِ سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع ايونٽ جي 14 ھين ميچ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ لاھور سٽي ڪرڪيٽ اسيوسي ايشن گرائونڊ، لاھور ۾ کيڏي ويندي. اھا ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق صبح جو 9 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. ساڳي ڏينھن جي ٻئين ۽ آخري ۽ ايونٽ جي 15 ھين ميچ ويسٽ انڊيز ۽ ٿائلينڊ جي عورتن جي ٽيمن وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم، لاھور ۾ کيڏي ويندي ۽ اھا ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ڏينھن جو 2 وڳي شروع ٿيندي. انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي شيڊول تحت ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع ٽورنامينٽ 9 اپريل کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو جنھن ۾ 6 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون. ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن ۾ ميزبان پاڪستان، ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، ٿائيلينڊ ۽ بنگلاديش شامل آھن. پاڪستاني ويمن ٽيم ايونٽ ۾ 19 اپريل تي پنھنجي پنجين ۽ آخري ميچ بنگلاديش خلاف کيڏندي. پاڪستان جي ويمنز ٽيم آءِ سي سي ويمنز ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪي آھي.