اسلام آباد – 16اپريل(اي پي پي)آئي سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائير 2025ع جو ايونٽ پاڪستان ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ٽورنامينٽ ۾ ( اڄ )17 اپريل تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. آئي سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع جي ايونٽ جي 11 هين ميچ بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ لاهور سٽي ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن گرائونڊ، لاهور ۾ کيڏي ويندي . اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق صبح جو 9 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي . انهي ڏينهن ٻي ۽ ايونٽ جي آخري 12 هين ميچ پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي ۽ اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ڏينهن جو 2 وڳي شروع ٿيندي . انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) جي شيڊول تحت ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع ٽورنامينٽ 9 اپريل کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ 6 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون، ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن ۾ ميزبان پاڪستان، ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ ، اسڪاٽ لينڊ، ٿائيلينڊ ۽ بنگلاديش شامل آهن.