اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ 10 ۾ (اڄ) واحد ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرزٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. پي سي بي جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جوسلسلو جاري آهي. (اڄ) اڱاري تي ليگ جي ڇهين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ رات 8 بجي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. لاهور قلندرز ٽيم شاهين شاهه آفريدي جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي، ٻين نمايان رانديگرن ۾ فخر الزمان، عبدالله شفيق، ڊيرل مچل، سيم بلنگز، سڪندر رضا، حارث رئوف ۽ ڊيوڊ ويزي شامل آهن. ڪراچي ڪنگز کي بهترين آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر ليڊ ڪندو، باقي ٽيم ۾ جيمز ونس، ٽم سيفرٽ، بين ميڪ ڊرموٽ، حسن علي، ايڊن ملن ۽ زاهد محمود شامل آهن.