اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) آئي سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع پاڪستان ۾ جاري آهي. جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ٽورنامينٽ ۾ 15 اپريل تي وڌيڪ 2 ميچن جو فيصلو ٿيندو. آئي سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع ايونٽ جي نائين ميچ آئريلينڊ ۽ ٿائيلنڊ جي عورتاڻي ٽيم وچ ۾ لاهور سٽي ڪرڪيٽ ايسو سي ايشن گرائونڊ، لاهور ۾ کيڏي ويندي . اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق 9 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي . انهي ڏينهن ايونٽ جي ٻي ۽ آخري ۽ 10 هين ميچ بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ جي عورتاڻي ٽيمن وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏي ويندي ۽ اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ڏينهن جو 2 وڳي شروع ٿيندي . انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) جي شيڊول تحت وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع ٽورنامينٽ 9 اپريل کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ 6 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون . ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن ۾ ميزبان پاڪستان ، ويسٽ انڊيز ، آئرلينڊ ، اسڪاٽ لينڊ ، ٿائيلينڊ ۽ بنگلاديش شامل آهن . پاڪستاني ويمن ٽيم ايونٽ ۾ 17 اپريل تي چوٿين ميچ ٿائيلينڊ ويمنز خلاف جڏهن ته 19 اپريل تي پنهنجي پنجين ۽ آخري ميچ بنگلاديش خلاف کيڏندي.