اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي)عالمي بئنڪ جي ٽه رڪني وفد تربيلا جي 1530 ميگاواٽ جي پنجين توسيعي منصوبي جو دورو ڪيو. وفد جي اڳواڻي عالمي بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت ريجنل ڊائريڪٽر انفرا اسٽرڪچر پنڪج گپتا ڪئي. ان موقعي تي واپڊا چيئرمين انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل (ر)سجاد غني به وفد سان گڏ موجود هو. پراجيڪٽ جي سمورين 7 سائيٽس تي تعميراتي ڪم تسلي بخش رفتار سان جاري آهي، انهن سائيٽس ۾ ريزڊ ان ٽيڪ،ٽنل، پن اسٽاڪ ۽ پاور هائوس شامل آهن. واپڊا جي چيئرمين وفد جو پاڪستان ۾ پاڻي ۽ پن بجلي جي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي تعاون جو ٿورو مڃيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته واپڊا ۽ عالمي برادري وچ ۾ گذريل 6 ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻي حصيداري ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي. بريفنگ دوران تربيلا پنجين توسيعي منصوبي جي جنرل مينيجر پراجيڪٽ ڊائريڪٽر وفد کي ٻڌايو ته ٽنهي پيداواري يونٽن تي ڊرافٽ ٽيوبز لڳي چڪا آهن، ان کانسواءِ پن اسٽاڪ پائيپس ۽ سوئيچ يارڊ ۾ اليڪٽرو مڪينيڪل اوزار لڳائڻ جو ڪم جاري آهي، پراجيڪيٽ مان بجلي جي پيداوار 2026ع ۾ شروع ٿيندي، تربيلا جو پنجون توسيعي منصوبو واپڊا جي ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا وار جي پروگرام جو حصو آهي، منصوبي جي تعمير لاءِ عالمي بئنڪ 390 ملين ڊالرن جي مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي. پنجين توسيعي منصوبي تحت تربيلا ڊيم پراجيڪٽ جي ٽنل نمبر 5 تي 3 پيداواري يونٽ لڳايا پيا وڃن، ان مان هر يونٽ جي پيداواري صلاحيت 510 ميگاواٽ آهي، منصوبو نيشنل گرڊ کي هر سال سراسري طور هڪ ارب 34 ڪروڙ 70 لک يونٽ پن بجلي فراهم ڪندو، تربيلا پنجون توسيعي منصوبو مڪمل ٿيڻ تي تربيلا هائيڊل پاور اسٽيشن مان بجلي جي پيداوار وڌي 6 هزار 418 ميگاواٽ ٿي ويندي.