اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو قومي اسيمبلي جي ميمبر سحر ڪامران کي پاڪستان – روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ تعريفي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ڪالهه روس جي فيڊريشن جي سفارتخاني ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. روس جي عملدارن سان سحر ڪامران جا گهرا لاڳاپا، ٻطرفن رابطن کي هٿي ڏين ٿا، جنهن جي عڪاسي سوچي فورم، نووسيبر سڪ ۾ ايس سي او ۽ برڪس ويمن ڪانگريس، سينٽ پيٽرزبرگ ۾ يوريشين ويمن فورم، ماسڪو نيو ڪليئر ڪانفرنس ۽ ڪازان فورم جهڙن اهم فورمن ۾ ان جي اهم ڪردار سان ٿئي ٿي. ماضي ۾ سحر ڪامران کي 2018ع ۾ روس پرڏيهي وزارت طرفان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندس ڪوششن جي اعتراف ۾ رشين فيڊريشن ”ايوارڊ آف ڪوآپريشن“ سان به نوازيو هو. سحر ڪامران 2012ع کان 2018ع تائين سينيٽر جي عهدي تي فائز رهي. ايم اين اي سحر ڪامران تعليم، سماجي ڪمن ۽ پاڪستان سعودي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي خدمتن لاءِ مشهور آهي. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس پاڪستان جي قومي اعزاز ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سحر ڪامران سينٽر فار پاڪستان اينڊ ڪلف اسٽيڊيز جي سرپرست اعليٰ پڻ آهي، هن ”شاهه عبدالله بن عبدالعزيز السعود جي بصيرت“ سميت ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون آهن، جڏهن ته ”پاڪستان ۽ نار لاڳاپن“، ”پاڪ سعودي لاڳاپن“ ۽ ”پاڪستان ۽ روس لاڳاپن“ تي ان جا تحقيقي مقاله به شايع ٿي چڪا آهن، سندس مضمون، تحقيقي مقالن، ڪالم ۽ راين تي ٻڌل تجويزون اڪثر قومي ۽ عالمي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون آهن.