اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطيني علائقي خاص طور تي غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران جاري جارحيت ۽ ظلمن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بي رحماڻي تشدد هزارين بيگناهه فلسطينين جون جانيون وٺي ڇڏيون آهن جن ۾ عورتون، ٻار، طبي عملو، صحافي ۽ انساني همدرديءَ جي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪن شامل آهن جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي قبضي جي هڪ ٻئي ڪاري باب جي نشاندهي ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسرائيلي ڏاڍ جي تازه ترين واقعن ۾ سڌوسنئون فائرنگ دوران 15 فلسطيني ايمرجنسي ۽ سول ڊيفنس جي ڪارڪنن کي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو، سمورا آڊيو ۽ وڊيو ثبوت اسرائيل جي معصوم بيگناهه فلسطيني شهرين جي خلاف طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي تصديق ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ان ڏاڍ جو فوري نوٽيس وٺي ۽ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ان واضح خلاف ورزي کي روڪي. ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل جي لاڳو جي لاءِ ايندڙ اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن جون 2025ع جي ڪانفرنس جي لاءِ تياري بابت مشاورت جي گڏيل صدارت ڪرڻ تي فرانس ۽ سعودي عرب کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس بامقصد ڪارروائي جي ذريعي امن ۽ انصاف جي اميد بحال ڪندي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جنگبندي کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ گهرجي، غزه جي ناڪابندي ختم ڪئي وڃي، انساني همدرديءَ جي پهچ جي ضمانت هجڻ گهرجي، شهرين ۽ انساني همدرديءَ جي عملي کي تحفظ تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته فلسطينين کي زبردستي بي گهر ڪرڻ يا انهن جي سرزمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ۽ موثر طريقي سان روڪڻ گهرجي.