لاھور – 10 اپريل(اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو صدر محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف 2 ڏينھن جي دوري تي بيلاروس روانو ٿي ويا. پنجاب جو چيف سيڪريٽري به ساڻن گڏ ھو. مسلم ليگ (ن) جي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب مطابق اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي دعوت تي اھو دورو ڪري رھيا آھن. پنھنجي دوري دوران محمد نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز بيلاروس جي صدر طرفان رات جي ماني ۾ به شرڪت ڪندا.