اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوين طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ عيدگاهه ۾ عيدالفطر جي نماز جي ادائيگي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته ان کان اڳ ليلته القدر جي مقدس رات ۾ نمازين کي جامع مسجد ۾ گڏ ٿيڻ کان پڻ روڪيو ويو، ڀارتي عملدار گذريل ڪيترن ئي سالن کان سرينگر ۾ اهڙي طرح جون پابنديون لاڳو ڪندا پيا اچن. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذهبي آزادي کي سنگين چئلينجز درپيش آهن ۽ عام ماڻهن کي خصوصي مذهبي موقعن تي گڏ ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ پرامن اسيمبلي جي حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي.