اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڊينش ڪمپني ايف ايل سمٿ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊينشن ڪمپني پاڪستان جي ذميدار ۽ پائيدار کاڻين جي ويزن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي موجب وفاقي وزير ايف ايل سمٿ جي پائيدار ترقي جي عزم جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان جي ذميدار ۽ پائيدار کاڻين جي ويزن موجب جديد ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ترجيح تي روشني وڌي. هن واضح ڪيو ته بلوچستان جي ترقي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پهرين ترجيح آهي جيڪا اسڪلز ڊولپمينٽ ذريعي ممڪن آهي، نوجوانن جي تربيت سان روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا. ايف ايل سمٿ وفد ڪامياب پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم تي علي پرويز ملڪ کي مبارڪون ڏنيون. وفد پاڪستان جي پائيدار ترقي ۽ مقامي ضرورتن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪمپني 100 پاڪستاني انجنيئرن لاءِ معدنيات ۽ کاڻين کوٽڻ ۾ تربيتي پروگرام جي شروعات ڪئي آهي، ڪامياب کاڻين کوٽڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ هنرمند ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي جيڪي تربيت يافته ۽ ٽيڪنالاجي سان واڳيل هجن، ٻنهي شعبن ۾ ڀائيواريءَ کي هٿي ڏيڻ پاڪستان جي معدني شعبي کي مضبوط بڻائيندي.