اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد جي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ، مذهبي هم آهنگي، رواداري، قومي يڪجهتي، حاجي سڳورن جي خدمتن ۽ پيغام پاڪستان کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سان ڳالهائيندي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته اڄ اسلامي دنيا کي اتحاد جي سخت ضرورت آهي، اسلام اسان کي وحدت امه، امن ۽ اخوت، انسانيت جي احترام ۽ ڀائيچاري جو درس ڏي ٿو. ملڪ دشمن طاقتون پاڪستان ۾ مذهبي منافرت، لساني ۽ منافرت پکيڙي عدم استحڪام پيدا ڪري پاڪستان جي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون. اسرائيل غزه فلسطين جي مسلمانن جو قتل ڪري امن معاهدي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، عالمي برادري، گڏيل قومون، او آءِ سي غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺي. اڄ سمورا عالم سڳورا ۽ پوري قوم پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن سان گڏ بيٺل آهن. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته وطن عزيز پاڪستان لکين انسانن جي قربانين کانپوءِ وجود ۾ آيو، اسلام۽ ڪلمه طيبه جي نالي تي حاصل ڪيو ويو. پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ بين المذاهب ۽ بين المسالڪ هم آهنگي ۽ پيغام پاڪستان کي هٿي وٺرائڻ وقت جي سخت ضرورت آهي، اڄ اسان جو ملڪ جن چئلينجن مان گذري رهيو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي ۽ لاڳاپن جي حوالي سان اوهان جون خدمتون مثالي آهن جنهن کي اسان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وفاقي وزير سردار يوسف، مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد جي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ بين المذاهب هم آهنگي، وحدت ۽ اتحاد ۽ پيغام پاڪستان کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خدمتن کي ساراهيو.