ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته حڪومت عوام کي رليف جي فراهمي، صوبي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي دير يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ملاقات دوران ڪيو. …
حڪومت عوام کي رليف جي فراهمي، صوبي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

مزید خبریں
ڪراچي- 03 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته حڪومت عوام کي رليف جي فراهمي، صوبي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي دير يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ملاقات دوران ڪيو. صوبائي وزير وفدن پاران پيش ڪيل مسئلن کي توجهه سان ٻڌو ۽ تڪڙي نوعيت جي مسئلن جي حل لاءِ موقعي تي ئي لاڳاپيل عملدارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ حڪومت عوامي خدمت کي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي ٿي ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي تڪڙي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ حڪومت عوام کي رليف جي فراهمي، صوبي جي ترقي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي دير يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عوامي شڪايتن کي حل ڪرڻ لاءِ اثرائتا ۽ تڪڙا قدم يقيني بڻايا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.










