اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه جي معصوم فلسطينين تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿارڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطينين جي حمايت جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ پارٽي جي ٽي رڪني وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ معصوم فلسطينين تي اسرائيل جي اشتعال انگيز بمباري ۽ ظلم ۽ ڏاڍ تي عالمي قوتن جي خاموشي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم غزه جي معصوم فلسطينين تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿارڻ ۽ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي حمايت جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي. جماعت اسلامي جي امير بجلي جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ٽيم توانائي جي شعبي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا آڻڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارا عام ماڻهو جي زندگي ۾ آساني کي نظر ۾ رکندي ڪيا پيا وڃن، اسان مشڪلاتن جي باوجود عوامي ريليف کي اولين ترجيح ڏني ۽ اهو مشن جاري رکنداسين، انشاءَ الله پاڪستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، جماعت اسلامي جا اڳواڻ لياقت بلوچ ۽ آصف لقمان قاضي پڻ شريڪ هئا.