اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان آمريڪا سان واپاري لاڳاپن جي فروغ ۽ نئين ٽيرف جي حوالي سان ڳالهين جي لاءِ اعليٰ سطحي وفد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمريڪا پاران درآمدات تي هنيل نئين ٽيرف جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار سيد توقير شاهه، خاص معاونين طارق فاطمي، هارون اختر، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا سان واپاري لاڳاپن جي فروغ ۽ نئين ٽيرف جي حوالي سان ڳالهين جي لاءِ اعليٰ سطحي وفد موڪليو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفد ۾ ناليوارين ڪاروباري شخصيتن ۽ برآمد ڪندڙن کي پڻ شامل ڪيو وڃي. هن وفد کي آمريڪا پاران درآمدات تي هنيل نئين ٽيرف تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ مستقبل جي لاءِ گڏيل طور تي ڪارائتي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا واپاري لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، حڪومت آمريڪا سان واپاري حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهشمند آهي. وزيراعظم کي اجلاس ۾ آمريڪا پاران هنيل نئين ٽيرف تي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۽ ورڪنگ گروپ جي رپورٽ ۽ مستقبل جي تجويز ڪيل حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ مختلف متبادل حڪمت عملي پيش ڪئي وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخانو مسلسل آمريڪي حڪومت سان رابطي ۾ آهي. وزيراعظم آمريڪا سان ان حوالي سان ڳالهين جي لاءِ وفد جي جوڙجڪ دوران ناليواري ڪاروباري شخصيتن ۽ برآمد ڪندڙن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.