اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2 ڏهاڪن جي خساري کانپوءِ پي آءِ اي جي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انشاءَ الله اسان جو مستقبل روشن آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته الحمدالله، اڄ قوم کي هڪ ٻي خوشخبري ملي آهي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو منافعو ڪمائڻ جي قابل ٿي آهي. پي آءِ اي جي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان خساري کانپوءِ اها اڳڀرائي ممڪن ٿي. انشاءَ الله ايندڙ ڏينهن روشن آهن. وزيراعظم چيو ته اها شاندار ڪاميابي هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي قيادت ۾ بهترين ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي.