لاهور-09 اپريل (اي پي پي) اويڪيوٽرسٽ بورڊ چيو آهي ته ڀارت کان سک ياتري 10 اپريل تي پاڪستان پهچندا، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ يوڪي سميت ٻين ملڪن مان سک ياترين جي پاڪستان آمد جو سلسلو جاري آهي، اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي ترجمان موجب ميلي جي مرڪزي تقريب 14 اپريل تي گوردوارا پنجه صاحب حسن ابدال ۾ ٿيندي. سک ياتري 10 اپريل تي واگها چيڪ پوسٽ ذريعي پاڪستان پهچندا جتي سندن آجيان اويڪيوٽرسٽ بورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري سميت ٻيا لاڳاپيل عهديدار ڪندا. ياتري 16 اپريل تي ڪرتاپور ۽ 18 اپريل تي لاهور جو دورو ڪندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ياترين جي آمد جي حوالي سان سيڪيورٽي، رهائش ۽ ٽرانسپورٽ جا خاص انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته سک ياتري 10 ڏينهن جو دورو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 19 اپريل تي واپسي لاءِ روانا ٿيندا.