اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ باني ميمبر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري مرحوم تاج حيدر جي پيپلزپارٽي ۽ جمهوريت جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته مرحوم تاج حيدر پاڪستان پيپلزپارٽي جو اهم اثاثو هو، مرحوم تاج حيدر پاڪستان پيپلزپارٽي جي نظرياتي ڪارڪنن مان هڪ هو. هن چيو ته تاج حيدر جي لاڏاڻي سان پاڪستان پيپلزپارٽي اهم سياسي اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. صدر مرحوم تاج حيدر جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سوڳوارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.