اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته پولٽريءَ جو شعبو عالمي غذائي تحفظ جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. ماحولياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ ۽ اُڀرندڙ مختلف بيمارين ۽ـ چيئلنجز کي نظر ۾ رکندي جديد، پائيدار ۽ قابل عمل حل اختيار ڪرڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي پولٽري هيلٿ مئنجمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اها ڪانفرنس پير مهر علي شاهه باراني زرعي يونيورسٽي راولپنڊيءَ ۾ منعقد ٿي. تقريب جو خاص مهمان وفاقي وزير رانا تنوير حسين هو، جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر قمر الزمان سرپرست اعليٰ هو. وفاقي وزير چيو ته هيءَ ڪانفرنس صرف سکڻ جو موقعو نه پر عملي قدمن جي دعوت ڏئي ٿي. عالمي ماهرن جي شرڪت ۽ تجربن مان فائدو کڻڻ جو موقعو حاصل ٿيو آهي. هن حڪومت ۽ قومي غذائي تحفظ واري وزارت طرفان پولٽري سيڪٽر ۾ بهتري، پاليسي سپورٽ ۽ عالمي شراڪتداريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي عالمي ۽ قومي ماهرن ڊاڪٽر ڊوگ ڪورو ۽ ٻين پولٽري سائنس ۽ پائيدار ترقيءَ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.