لاهور-08 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ادارن جي ڪارڪردگيءَ جي بهتريءَ لاءِ ٺوس عملي قدم ڪتب آڻي رهي آهي، پنجاب جي تعليمي ماڊل تي ريلوي اسڪولن ۾ سڌارا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليم واري صوبائي وزير راڻا سڪندر حيات سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا، اسان عملي قدم کڻي ٻُڌائينداسين ته ادارا ڪيئن ترقي ڪندا آهن، اسان کان مقابلو ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي هئڻ گهرجي. هن چيو ته ادارن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن صوبائي وزير کي پنجاب ۾ تعليمي سڌارا لاڳو ڪرڻ تي ساراهيو ۽ چيو ته پنجاب حڪومت جي گورننس ۾ ڪارڪردگي مثالي آهي. هن چيو ته پنجاب جي تعليمي ماڊل تي ريلوي اسڪولن ۾ سڌارا آڻينداسين. تعليمي معيار ۾ بهتريءَ لاءِ ريلوي اسڪول آئوٽ سورس ڪيا ويندا.