اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان کي پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، قابل تجديد توانائي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ انفراسٽرڪچر ۾ موجود سيڙپڪاري جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آذربائيجان جي معيشت واري وزير ميڪائل جباروف وفد سان گڏ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان آذربائيجان تعاون جي فروغ تي اتفاق، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم آذربائيجان جي وفد کي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي لاءِ خيرسگالي جو پيغام ڏنو. ملاقات ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، تيل جي ڳولا، قابل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، علائقائي رابطن جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير، دفاع، هاسپيٽيليٽي ۽ سياحت ۽ افرادي قوت جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آزربائيجان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، ثقافت، گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. آذربائيجان جي پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي عملدرآمد جو جائزو پيش ڪندي وزيراعظم آذربائيجان کي پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، قابل تجديد توانائي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ انفراسٽرڪچر ۾ موجود سيڙپڪاري جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم اسلام اباد ۽ باڪو کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ بهترين رنگ روغن جي قدمن تي آذربائيجان جي ٽيم کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر جي متوقع دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 2 ارب ڊالر تي پهچائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي گهري دلچسپي ۽ قدم خوش آئنده آهن. آذربائيجان جي وزير پاڪستان پاران سندس وفد جي شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيندي پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ واپار جي فروغ ۾ آذربائيجان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ قابل تجديد توانائي، وائيٽ آئل پائيپ لائين، سوڪار جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، آذربائيجان جي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وفد جي پاڪستان ۾ ملاقاتن، مختلف شعبن ۾ تعاون، واپار جي فروغ، عالمي اتر– ڏکڻ مواصلاتي ڪوريڊور، وائيٽ آئل پائيپ لائين، گورننس جي بهتري جي لاءِ آسان سهولت مرڪزن جي پاڪستان ۾ قيام ۽ اذربائيجان جي پاڪستان ۾ علائقائي رابطن جي لاءِ موٽرويز ۾ سيڙپڪاري تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ آذربائيجان جو پاڪستان ۾ سفير خضر فرهادوف، معيشت وارو نائب وزير صمد بشيري، توانائي وارو نائب وزير ڪمال عباسوف ۽ اعليٰ سطحي آذري عملدارن سان گڏوگڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جو صلاحڪار سيد توقير شاهه، خاص معاون طارق فاطمي، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.