اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ بلوچستان جي ترقي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي، بلوچستان جي ترقي جا قدم جاري رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي وڪيلن جي اعليٰ سطحي قيادت سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر رئوف عطا، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر عطاءُ الله لانگو ۽ بلوچستان بار ڪائونسل جو ميمبر خليل ڪاڪڙ موجود هئا. اجلاس ۾ بلوچستان جي موجوده امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ بلوچستان جي ترقي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، حڪومت جا بلوچستان جي ترقي جا قدم ائين ئي جاري رهندا. وفد وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جي بهتري لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري، ان حوالي سان وفد بلوچستان ۾ قانوني ڪاررواين سان گڏوگڏ سياسي ۽ قبائلي قيادت سان مشاورت کي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. وفد وزيراعظم کي ان حوالي سان ٻي سياسي قيادت ۽ اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن کان پڻ آگاهه ڪيو، سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي صدر وزيراعظم کي بلوچستان ۾ گورننس جي معاملن جي حوالي سان آگاهي ڏيندي سمورن مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۽ رهنمائي جي درخواست ڪئي. وفد وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي کي ترجيح ڏيڻ ۽ بلوچستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ وفاق پاران قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم جي دانش اسڪولز جي ذريعي معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيو ۽ خانزئي ۽ منگوچر قلات ۾ پڻ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. وفد وزيراعظم جي بلوچستان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي جي لاءِ ماضي ۾ ڏنل سوين اسڪالرشپس تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان پروگرام کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان فوري عملدرآمد جي هدايت ڪئي.