اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطح جي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن واپار، سيڙپڪاري ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستاني وفد وزير ميڪائل جباروف جا ٿورا مڃيا ۽ سندس قيادت ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ اعليٰ ترقي جي صلاحيت موجود آهي. بيان موجب آذربائيجان جي صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ رهنمائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط سياسي عزم کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ هڪ محرڪ جي طور تي ڪم ڪندي رهي ٿي. بيان موجب وزيراعظم آذربائيجان جي تازي دوري کانپوءِ ٻئي ڌريون تيزي سان ڪم ڪري رهيون آهن جنهن سيڙپڪاري جي اهم منصوبن تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، ان رفتار کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن جي وچ ۾ مسلسل مصروفيت بشمول اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جهڙن پليٽ فارمز جي ذريعي برقرار رکيو ويو آهي جنهن ۾ حڪومت سان حڪومت ۽ بزنس ٽو بزنس تعاون تي خاص زور ڏنو ويو آهي. ملاقات ۾ ترجيحي منصوبن خاص طور تي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو جيڪي وسيع تر اقتصادي قدمن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن ٻئي ڌريون امڪاني گڏيل منصوبن ۽ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري کي ڳولي رهيون آهن ڳالهه ٻولهه ۾ سبز توانائي ۾ اڀرندڙ موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب پاڪستان جي واپار واري وزارت هڪ جامع روڊ ميپ پڻ تيار ڪيو آهي جنهن جو مقصد واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ ۽ تعاون جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ آهي. ان ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل قدم شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي ايندڙ دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون جيڪي ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. ٻنهي ڌرين پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل صلاحيت کي کولڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ پائيدار اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.