اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ هڪ رهنما طور اُڀرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان جي معدنيات جي دولت کي ڳولڻ لاءِ انجنيئرز، جيالوجسٽ، آپريٽرز ۽ کاڻين کوٽڻ جا ماهر گهربل آهن، ان لاءِ اسان ان شعبي جي ترقيءَ لاءِ شاگردن کي تربيت لاءِ پرڏيهه پڻ اُماڻي رهيا آهيون، پاڪ فوج پنهنجن ڀائيوارن ۽ سيڙپڪارن جي مفادن ۽ اعتماد جي تحفظ لاءِ هڪ مضبوط سيڪيورٽي فريم ورڪ ۽ فعال قدمن کي يقيني بنائيندي. اهڙو اظهار هن پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف چيو ته مون کي پختو يقين آهي ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ هڪ رهنما طور اُڀرڻ لاءِ تيار آهي. اسان عالمي ادارن کي ڀليڪار چئون ٿا ته هو پنهنجي مهارت سان پاڪستان جي سُڃاڻپ ڪرائين، سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪجن ۽ وسيلن جي وسيع صلاحيت جي ترقي ۾ اسان سان ڀائيواري ڪن. هن چيو ته هن وقت بلوچستان جا 27 پاڪستاني شاگرد زيميبا ۽ ارجنٽينا ۾ منرل ايڪسپلوريشن ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. اسان جو مقصد معدني شعبي لاءِ افرادي سگهه، مهارت ۽ انساني وسيلا پيدا ڪرڻ پڻ آهي. اقتصادي سلامتي، قومي سلامتي جي هڪ اهم جُز طور به اُڀري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم معدني صنعتن جي ترقيءَ کي به يقيني بنايو ويندو. اها ڳالهه اهم آهي ته لاڳت کي بهتر بنائڻ ۽ مارڪيٽن کي جديد بنائڻ لاءِ پاڪستان ۾ ريفائننگ ۽ ويليو ايڊيشن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. آرمي چيف چيو ته پاڪستاني عوام جي پيرن هيٺان وسيع معدني ذخيرا، هٿن ۾ ماهرن ۽ شفاف معدني پاليسي هوندي به مايوسي ۽ بي عملي جي ڪا گنجائش ناهي. اڳتي وڌو ۽ جدوجهد ڪريو، ملڪ لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ. اسان پاڪستاني هڪ آواز ڀائيوارن ۽ سيڙپڪارن کي يقين ڏياريون ٿا ته ڪاروبار ۽ معدني دولت مان فائدو کڻڻ لاءِ توهان جي مهارتن مان فائدو کڻڻ اسان جي اجتماعي قومي خواهش آهي. آرمي چيف چيو ته توهان پاڪستان تي پُراعتماد ڀائيوار طور ڀروسو ڪري سگهو ٿا. هن چيو ته هو بلوچ قبائلي اڳواڻن جي ڪاوشن جي به تعريف ڪري ٿو جن کاڻين کوٽڻ جي ڪم کي هٿي ڏيڻ ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ اڳڀرائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گڏجي ڪم ڪرڻ سان پاڪستان جو معدني شعبو اجتماعي فائدي لاءِ علائقائي ترقي، خوشحالي ۽ پائيداريءَ کي هٿي ڏئي سگهي ٿو.