اسلام آباد -08 اپريل (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ تي يقين رکي ٿو، اها ڳالهه هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان ملاقات ۾ ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. تنظيم جي 10 ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار، معيشت ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڊاڪٽر اسد مجيد خان، ناڻي واري وفاقي وزير کي اي سي او جي ڪردار ۽ ان جي اهميت بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ واپاري راهدارين ۽ اڀرندڙ مارڪيٽن کي نظر ۾ رکندي علائقائي واپار ۽ رابطن جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار، علائقائي واپار ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. سيڪريٽري جنرل تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ۽ متحرڪ بڻائڻ ۽ علائقائي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجي ڪوششن جون ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير علائقائي واپار ۽ رابطن جي ايجنڊا کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون کي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ تنظيم جي مختلف فورمز ۽ سرگرمين ۾ ناڻي وزارت جي نمائندگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.