اسلام آباد -08 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان نئين مقرر ڊي جي ايف آءِ اي رفعت مختار راجه ۽ نئين مقرر ڊائريڪٽر جنرل نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي وقار الدين سيد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ غير قانوني اميگريشن خلاف اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ سائبر ڪرائيمز جي روڪٿام جو ٽاسڪ حوالي ڪيو ويو. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو وزير ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ته هو انساني اسمگلنگ ۾ ملوث مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ اثرائتو ڪريڪ ڊائون ڪري. انساني اسمگلنگ روڪڻ لاءِ چئني صوبن ۾ بنا فرق جي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ان مافيا کي سختي سان منهن ڏنو وڃي. هن جو چوڻ هو ته ان ڪُڌي ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهو معصوم ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. مملڪتي وزير طلال چوڌري جو چوڻ هو ته انساني اسمگلرز ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن. گهرو وزير چيو ته ايف آءِ اي سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ملڪ مان غيرقانوني اسپيڪٽرم ۽ منظم ڏوهن جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي هڪ نئون چئلينج اهي. اين سي سي آءِ اي جي سگهه کي وڌايو ويندو ۽ آفيسرن کي تربيت لاءِ پرڏيهه موڪليو ويندو.