اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان فروٽ جوس ڪائونسل ۽ مشهور مينيوفيڪچرز پيپسي ڪولا ۽ نيسلي جي نمائندن ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب واپار واري وزارت اجلاس ۾ صنعت کي درپيش اهم چئلينجز، غير رسمي شعبي خلاف باضابطه (فارمل) صنعت جي حمايت ۽ ٽيرف بابت مسئلن تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ ڪائونسل جي ميمبرن غير رسمي شعبي کي باضابطه صنعت لاءِ هڪ وڌندڙ خطرو قرار ڏنو جيڪو نه صرف عالمي معيار تي پورو لهڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري رهيو آهي پر روانگي واپار جي امڪانن کي به محدود ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪائونسل جي خدشن سان مڪمل اتفاق ڪندي روانگي واپار ۾ واڌ ۽ پاڪستان جي شين کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ باضابطه صنعت کي مستحڪم بنائڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته صرف باضابطه صنعت کي مضبوط بنائي ئي اسان عالمي معيار تي پورو لهي سگهون ٿا ۽ روانگي واپار جي موقعن مان فائدو کڻي سگهون ٿا. هن خوراڪ جي سلامتيءَ بابت چئلينجز جو به اعتراف ڪيو، جڏهن ته ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي جيڪو ان مشڪلاتن کي مؤثر انداز ۾ مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته حڪومت صنعت سان باقائدي مشاورت جاري رکندي ته جيئن انهن مسئلن جو مؤثر حل ڪڍي سگهجي. هن پيش ڪيل تجويزن کي ساراهيو ۽ قومي اقتصادي ترقيءَ ۾ صنعت جي حصيداري جي خواهش کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. صنعتي نمائندن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪري ۽ غير رسمي شعبي جي پکيڙ کي روڪي ته هو پنهنجي روانگي واپار ۾ نمايان واڌ ڪري سگهن ٿا.