گڏيل قومون -07 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيربن بابت اداري ( انروا ) اعلان ڪيو آهي ته اٽڪل 19 ملين شهرين جن ۾ شامل ٻارن کي به زبردستي بي گهر ڪيو ويو آهي . پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي ايجنسي چيو آهي ته غزه پٽي ۾ تازي جنگ بندي جي خلاف ورزي لڏ پلاڻ جي هڪ لهر کي جنم ڏنو آهي جنهن سبب 142000 کان به وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن اها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن اسرائيلي فوج 18 مارچ تي غزه پٽي ۾ پنهنجون فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ڪيون هن سال جنوري ۾ طئي ٿيل جنگ بندي جي خلاف ورزي ڪندي علائقي تي شديد حملا شروع ڪري ڏنا آهن.