اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽاسڪ فورس جي سفارشن جي روشني ۾ ميري ٽائيم جي شعبي ۾ سڌارا آڻيندي، عالمي منڊيءَ ۾ پيٽروليم جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو فائدو به معيشت ۽ عوام کي منتقل ڪنداسين، ان حوالي سان آپشنز غور هيٺ آهن. ميري ٽائيم جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر جمود جو شڪار رهيو ۽ اڳتي نه وڌي سگهيو، سڌارن جي لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي هئي جنهن پنهنجون سفارشون پيش ڪري ڇڏيون آهن جيڪي حڪومت جي لاءِ مددگار ثابت ٿينديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ به نمايان گهٽتائي ڪئي آهي، ڪيترن ئي مهينن کان ان تي ڪم جاري هو، تازي گهٽتائي زراعت، صنعت، واپار، برآمد ڪندڙن ۽ گهريلو صارفين سميت سڀني جي لاءِ لاڀائتو آهي، ايندڙ مهينن ۾ ان حوالي سان وڌيڪ بهتر نتيجا سامهون ايندا، ميڪرو ليول تي معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي. اسان جي مقامي صنعت بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مقابلي جي پوزيشن ۾ اچي ويندي، ان جي پيداواري لاڳت گهٽ ٿيندي، روزگار جا موقعا وڌندا، روانگي واپار وڌندو. حڪومت ٻين شعبن ۾ پڻ قدم کڻي رهي آهي، تازن ڏينهن ۾ تيل جي عالمي منڊيءَ ۾ قيمتون نمايان طور تي گهٽ ٿيون آهن. ان جو پائيدار فائدو کڻڻ جي لاءِ غور فڪر ۽ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون. ان حوالي سان ڪيترائي آپشنز غور هيٺ آهن. بجلي جي قيمتن ۾ به عوام کي ان جو فائدو منتقل ڪيو، هاڻي به معيشت ۽ عوام جي مفاد ۾ فيصلا ڪنداسين.