اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته راندين جا ميدان آباد رکڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، سياست کي راندين کان پري رکڻ گهرجي، نوجوانن ۾ مثبت سرگرمين جو فروغ اسان جي ترجيح آهي، حڪومت نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا مسلسل موقعا فراهم ڪري رهي آهي، پي ايس ايل سان قوم کي سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي. نيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ رسجا اليون ۽ يو ڪي ميڊيا جي وچ ۾ فرينڊلي مئچ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مئچ جي سمورن آرگنائيزرز کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته راندين جي سرگرمين جو انعقاد خوش آئنده آهي، راندين جون سرگرميون جيتريون وڌيڪ ٿينديون معاشري ۾ ايتري بهتري ايندي ۽ مثبت رويي کي فروغ ملندو. هن چيو ته صحتمند سرگرمين سان راندين، ڪرڪيٽ ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ کي هٿي ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو هوندو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي پراميد رهڻ گهرجي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وڏا وڏا معرڪا کٽيا آهن، انشاءَ الله بهتري ٿيندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ضرور هجڻ گهرجي، ان تي پلاننگ جاري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته سياست کي راند ۽ راندين کي سياست کان ٻاهر رکڻ گهرجي، انهي ۾ راند ۽ سياست ٻنهي جو فائدو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ٽيلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو، ان ۾ اسان کي ڪيترن ئي رانديگرن جي سپورٽ رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي دور ۾ شروع ٿيندڙ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳتي وڌائي رهيو آهي، پوري پاڪستان جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي لاءِ وڏو فعال ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪري رهي آهي، سياسي پارٽين، پرائيويٽ ۽ پبلڪ سيڪٽر کي گڏجي راندين جي فروغ جي لاءِ ٽيلنٽ هنٽ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسان جا اسپورٽس مين پنهنجو نالو ٺاهي رهيا آهن، جيولين ٿرور ارشد نديم پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي، اسان وٽ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، اهو ٽيلينٽ يوٿ فيسٽيول مان سامهون آيو، ان فيسٽيول ۾ هر طرح جي راندين کي شامل ڪيو ويو، جڏهن اهڙي طرح جا ايونٽس منعقد ڪيا وڃن ٿا ته رانديگرن جون صلاحيتون اجاگر ٿين ٿيون ۽ انهن کي عالمي سطح تي پرفارم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. وفاقي وزير چيو ته وڌيڪ ٽيلينٽ هنٽ ۽ يوٿ فيسٽيول منعقد ڪرايا ويندا ته جيئن ارشد نديم جهڙا وڌيڪ رانديگر سامهون اچن، هاڪيءَ کي وڃايل مقام واپس مليو. هن چيو ته راندين جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسٽيڊيمز کي ايسوسيئيشن جي ذريعي هلائڻ جو ماڊل آهي، ڪوشش هوندي ته ان جو ڪو حل نڪري اچي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽل اسپورٽس کي بحال ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ ڊپارٽمينٽل اسپورٽس ختم ٿيڻ سان ڪيترائي رانديگر بيروزگار ٿي ويا، جڏهن اسان جي هاڪيءَ ٽيم ايشيا ڪپ ۾ سٺي پرفارمنس کانپوءِ واپس آئي ته وزيراعظم اهو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو، اسپورٽس ڊپارٽمينٽ کي چيو ويو آهي ته ماضي جي رانديگرن تي به ان جو لاڳو ٿئي، ڊپارٽمينٽل اسپورٽس سان وڏا وڏا رانديگر پيدا ٿيا. هن چيو ته پي ٽي وي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ميرٽ تي ٿي، شمائل حسين شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ڪا پرچيءَ نه هلي، پي ٽي وي جي مالي صورتحال ڪيترن ئي چينلز کان بهتر آهي، اسان چيمپيئنز ٽرافي ۽ ورلڊ ڪپ سڌوسنئون ڏيکاريو. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ سڄي دنيا جا رانديگر اچن ٿا ۽ پوري پاڪستاني قوم کي ڪرڪيٽ ۽ پنهنجي پسنديده رانديگرن کي ايڪشن ۾ ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو، پي ايس ايل ۾ مقابلي واري ڪرڪيٽ ٿيندي ۽ اها پاڪستان ۽ ڪرڪيٽ جي فتح هوندي.