اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري ارشد جاويد وڙائچ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم ارشد جاويد وڙائچ جي ڌيءَ ۽ ضلعي ڪائونسل سيالڪوٽ جي اڳوڻي چيئرپرسن حنا ارشد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي …
وزيراعظم پاران پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري ارشد جاويد وڙائچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري ارشد جاويد وڙائچ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم ارشد جاويد وڙائچ جي ڌيءَ ۽ ضلعي ڪائونسل سيالڪوٽ جي اڳوڻي چيئرپرسن حنا ارشد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته مرحوم جي سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.











