اسلام آباد-07 اپريل(اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ سان منسوب سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز شيئر ڪئي پئي وڃي جيڪا سرار ڪوڙ تي ٻڌل آهي، فيڪ نيوز جي آڙ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي فوج کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي ايڪسپوز پروپيگنڊا طرفان وفاقي وزير سان لاڳاپيل هڪ بيان جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته غزه بجاءِ اسان کي پنهنجي ملڪ جو فڪر ڪرڻ گهرجي، اسان آمريڪا کانسواءِ ڪو بيان نه ڏينداسين. آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن. فلسطين لاءِ اسان پنهنجا لاڳاپا داءُ تي نٿا لڳائي سگهون. آمريڪا کانسواءِ آرمي چيف به بيان نٿو ڏئي سگهي. عطا تارڙ، سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ڄاڻايل بيان سراسر بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي.