ڍاڪا -07 اپريل (اي پي پي) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 20 کان 24 اپريل تائين سلهٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سلهٽ ۾ کيڏي ويندي. زمبابوي جي ٽيم هلندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي جتي اها ميزبان بنگلاديش جي ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 20 کان 24 اپريل تائين کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين کيڏي ويندي.