لنڊن – 7 اپريل (اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ فلهم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ليور پول جي ٽيم کي 3-2 جي گولن تان هارائي ڇڏيو ۽ ميچ ۾ ٽوٽنهم هاٽ پور سائوٿمپٽن جي ٽيم کي سخت مقابلي بعد 3 گولن تان هارائي ڇڏيو جڏهن ته دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي جي ميچ بنان گول جي برابر رهي. پريمئير ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن.