جارجيا _ 7 اپريل (اي پي پي) ماسٽرز اوپن گالف ٽورنامينٽ 10 اپريل کان آمريڪي رياست جارجيا ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ جون تياريون زور شور سان جاري آهن. ماسٽرز اوپن گالف ٽورنامينٽ ع جو 89 هون ايڊيشن ۽ 2025ع ۾ منعقد ٿيندڙ مردن جي چئن وڏن گالف ٽورنامينٽس مان پهريون ميگا ايونٽ آهي . اهو ٽورنامينٽ پهريون ڀيرو 1934ع ۾ کيڏيو ويو هو جيڪو ميزبان گالفر هارٽن سمٿ کٽيو هو. ٽورنامينٽ 72 هولز تي کيڏيو ويندو . ٽورنامينٽ ۾ ٽينس جي دنيا جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا . ايونٽ ۾ آمريڪا سان تعلق رکندڙ گالفر اسڪاٽي شيفلر پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. سڀ کان وڌيڪ ماسٽرز اوپن گالف ٽورنامينٽ کٽڻ جو رڪارڊ آمريڪي گالفر جيڪ نڪلوس وٽ آهي . جنهن پنهنجي ڪيريئر دوران سڀ کان وڌيڪ 6 ڀيرا ٽورنامينٽ کٽيو . ٽورنامينٽ لاءِ 34 لک ڊالرن جي انعامي رقم رکي وئي آهي . 10 اپريل کان شروع ٿيندڙ اهو ٽورنامينٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهندو.