اسلام آباد-06 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس روسي هم منصب ويلنٽا مٽوينڪو وچ ۾ تاشقند ۾ منعقد 150 هين انٽر پارليامينٽري يونين (IPU) اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن جي وڌندڙ اسٽريٽجڪ اهميت ۽ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي امن، سلامتي ۽ عالمي معاملن ۾ گهڻ رخي تعاون تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۽ر وس وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي روشني وڌي جيڪي گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ دفاع، واپار، توانائي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙي گهڻ رخي پليٽ فارمن تي وسيع تر تعاون ڏانهن گامزن آهن، ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽ وچ ۾ اداره جاتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ وفدن جي مٽاسٽا،پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي بحالي ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳيتو ڊائيلاگ شامل آهن. سينيٽ چيئرمين جاري دفاعي تعاون جي اهيمت کي تسليم ڪيو ۽ دفاعي شعبي ۾ مدد جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻطرفي واپار ۾ مثبت اڳڀرائي جي روشني ۾ ٻنهي اڳواڻن توانائي، زراعت، دوا سازي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چيئرمين بئنڪنگ چئنلز جي قيام ۽ علائقائي فريم ورڪس تحت رابطا بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو. پاڪستان علائقائي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ روس جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ موسمياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ منشيات خلاف قدمن جي روشني ۾ گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۽ گڏيل قومن جهڙن عالمن فورمن تي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو. سينيٽ چيئرمين افغانستان ۾ علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ جامع سياسي حل ۽ انساني امداد جي ضرورت تي زور ڀريو. هن خطي ۾ ڳالهين ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ روس جي ڪردار کي ساراهيو. سيد يوسف رضا گيلاني روس سان جامع، مستقبل حصيداري لاءِ پاڪستان جي تياري جي عزم کي ورجايو ۽ مستقبل ۾ پارلياماني مٽاسٽا لاءِ اسلام آباد ۾ ڀليڪار چوڻ جي دعوت ڏني.