اسلام آباد -06 اپريل (اي پي پي) برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران عيد ملن آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي پاڪستاني برادري کي عيد الفطر جون دلي مبارڪون پيش ڪيون. جاري ڪيل پريس رليز موجب تقريب ۾ بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ موجود پاڪستانين برسلز ۾ موجود ڪاروباري شخصيتن، شاگردن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب دوران سفير رحيم حيات قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم سان گڏوگڏ يورپي يونين وچ ۾ عوام سان عوام جي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وچ ۾ اتحاد، هم آهنگي ۽ گڏيل سڃاڻپ جي اهميت تي زور ڀريندي پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو.