راولپنڊي – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جي ٽڪيٽن جو وڪرو 7 اپريل سومر کان شروع ٿيندو. پي ايس ايل جي افتتاحي 11 ميچ اپريل تي اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. پي سي بي موجب ميگا يونٽ لاءِ فزيڪل ٽڪيٽون سومر تي نجي ڪورئير سينٽرز تي دستياب هونديون. آن لائن بڪنگ ذريعي بڪ ڪيل ٽڪيٽ خانگي ڪوريئر جي مقرر ڪيل پڪ اپ مرڪز تان پڻ حاصل ڪري سگهبي. پي ايس ايل چئن شهرن راولپنڊي، ڪراچي، لاهور، ملتان ۾ کيڏي ويندي جنهن جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پي ايس ايل جي چئن وينيوز جي عام ٽڪيٽ 650 روپين ۾ دستياب آهي، اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ افتتاحي ميچ جي ٽڪيٽ 1000 روپين کان 8500 روپين تائين دستياب آهي. ڪرڪيٽ شوقينن جي دلچسپي ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ پي سي بي هر ميچ دوران هڪ ٽيڪٽ ريفل پڻ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪرڪيٽ شوقين انعام حاصل ڪري سگهندا.