لاهور-06 اپريل(اي پي پي) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ پهريون ڀيرو مڪمل اردو ڪمينٽري ڪئي ويندي. پي سي بي ترجمان موجب پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ دوران مڪمل اردو ڪمينٽري ڪئي ويندي. واضح رهي ته ايڇ بي ايل جو 9 ايڊيشن 11 اپريل کان 18 اپريل تائين لاهور ،ڪراچي، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. هلندڙ سال شوقين سڌي ريت نشريات اردو ٻولي ۾ ڏسي سگهندا ۽ پنهنجي قومي ٻولي ۾ ليگ جي ڪمينٽري مان ڀرپور طور تي لطف اندوز ٿي سگهندا. ان حوالي سان ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير جو چوڻ آهي ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل ۽ ان جي شوقينن لاءِ اهو تاريخي لمحو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اردو ڪمينٽري جو سڀني کي بي صبري سان انتظار آهي ۽ اسان به ان کي پيش ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيون.