رياض-05 اپريل(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي ولي عهد ۽ ايراني صدر وچ ۾ ٽيليفون تي ٿيل رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون جڏهن ته ڳالهين دوران مختلف معاملن جو جائزو پڻ ورتو ويو جن تي ٻنهي ملڪن کي ڳڻتي آهي.