ينگون-05 اپريل (اي پي پي) ميانمار ۾ آيل زلزلي سبب فوتين جو تعداد وڌي 3 هزار 354 ٿي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ميانمار ۾ آيل خطرناڪ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 3 هزار 354 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 04 هزار 850 ماڻهو زخمي آهن ۽ 220 اڃا تائين گم آهن. واضح رهي ته ميانمار ۾ 28 مارچ تي 7.7 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ گادي واري شهر نيپيدو ۽ ٻئي وڏي شهر منڊالي سميت ملڪ جي وڏي حصي ۾ تباهي آئي هئي.