لاڙڪاڻو – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي وفاق کي ڪڏهن به نقصان پهچائڻ نه ڏيندي، چار صوبا چار ڀائر آهن، گڏجي فيصلا ڪندا ته دنيا جي ڪا به طاقت ڪجهه نه ڪري سگهندي، سياسي يتيمن کي زرداري فوبيا ٿي پئي آهي، جيڪي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿن ٿا، پاڪستان پيپلزپارٽي ڪينالن جي سڀ کان پهرين مخالفت ڪئي، جنهن جي ڪري اسان وفاق جي حڪومت ۾ شامل ناهيون ٿيا، پاڪستان کي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، ملڪ جي دشمنن کي پهرين پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان وڙهڻو پوندو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجهد جي تاريخ ڪنهن کان به لڪل نه آهي، پيپلزپارٽي تڪراري ڊيم منصوبي کي سدائين جي لاءِ دفن ڪيو، چاهيون ٿا ته سڄي ملڪ ۾ ٿرپاڪر جي ماڊل وانگر ترقي ٿئي، سنڌ صوبو صحت جي شعبي ۾ هن وقت سڀ کان اڳتي آهي جتي سڄي ملڪ ۽ دنيا مان ماڻهو اچي علاج ڪرائين ٿا، شڪايتون اسان کي به آهن پر انهن کي گڏجي ويهي حل ڪري سگهجي ٿو، شهيد محترمه بينطير ڀٽو اسان کي مثبت سياست سيکاري آهي، اسان اها ڪندا رهنداسين، پاڻي ۽ موسمياتي تبديلي جو ڪيس مون عالمي سطح تي وڙهيو آهي، اسان عورتن کي زمينون ۽ گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي خودمختيار بڻائي رهيا آهيون، اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتن مان انصاف ڏياريو، اسان جي جدوجهد ملڪ ۽ عوام جي ترقي جي لاءِ آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي. ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسيءَ جي موقعي تي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر سال اسان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ گڏ ٿي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندا آهيون، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن هن جهنڊي ۽ عَلم کي بُلند رکي نسل در نسل اسان جو ساٿ ڏنو آهي، اسان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا علمبردار آهيون، آئون پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي 46 سالن کان جدوجهد جاري رکندي جهنڊي کي بُلند رکي اسان جو ساٿ ڏيندا پيا اچن، آئون توهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته اسان هڪ ٻي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پهريون پاڪستاني اڳواڻ بڻجي چڪو آهي جنهن کي نشان پاڪستان جو اعزاز حاصل آهي، صدر زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڙهي خدا بخش ڀٽو سان پنهنجو فرض نڀايو آهي، صدر زرداري صدارتي ريفرنس جي ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياريو، عوام جي عدالت ۽ تاريخ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناهه قرار ڏنو پر اسان کي ڪيترائي سال لڳا جدوجهد ڪندي ۽ قانون جي عدالت به شهيد ڀٽو کي بيگناهه ثابت ڪيو، قانونسازي ۽ آئين سازي سياسي لحاظ کان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 1973ع جي آئين کي صدر آصف علي زرداريءَ 18 هين ترميم جي ذريعي آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪري صوبن کي حق ڏياري قائد عوام جي واعدي کي پورو ڪيو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي صورت ۾ غربت جي مقابلي، اٽي ۽ اجهي جو واعدو هو، اهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي صدر زرداري پورو ڪري رهيو آهي، انهن تاريخي ڪاميابين جي ڪري شهيد ڀٽو جا مڃيندڙ صدر زرداري جا ٿورائتا آهن، ان جو نالو تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو، صدر زرداري پنهنجي ڪردار ۽ ڪاميابي جي ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اُهو فيصلو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي جي قيادت صدر زرداري کي ڏني هئي صدر زرداري اها ذميواري نڀائيندي محترمه جي فيصلي کي صحيح ثابت ڪيو آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انقلابي فيصلو ڪيو، هن روايتن کي ڇڏي پنهنجي ڌيءَ کي سياسي جانشين بڻايو ۽ اڄ اسان فخر سان چئون ٿا ته ڪالهه به ڀٽو زندهه هو اڄ به ڀٽو زندهه آهي، شهيد ڀٽو کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار آهي، شهيد محترمه پنهنجي والد جي مشن ۽ نالي کي زندهه رکي محترمه شهيد بينظير ڀٽو تاريخ لکي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر هنڌ پنهنجي للڪار، آواز، ڪردار، محنت، جدوجهد ۽ قرباني سان والد جي عَلم کي بُلند ۽ نالي کي زندهه رکي سڀني کي ڀٽو بڻائي ڇڏيو، 4 اپريل 1979ع کان هر ڏينهن عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن هتي گڏ ٿي قائد عوام کي خراج عقيدت پيش ڪري پنهنجي سياسي منزل طئي ڪندا آهن، شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽم بم جو تحفو، جمهوريت، هارين ۽ مزدورن کي حق ڏئي، عوام کي ترقي ڏياري، اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ ڪاميابين تي فخر ڪندا آهيون جيڪا ٻن آمرن سان مهاڏو اٽڪائي دنيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم بڻي، اسان صدر زرداريءَ جي جدوجهد ۽ ڪاميابين تي فخر ڪندا آهيون. صدر زرداريءَ جي 18 هين ترميم جي ڪري سنڌ صوبو صحت جي شعبي ۾ ٻين صوبن کان گهڻو اڳتي آهي ۽ اسان پوري صوبي ۾ مفت علاج جو ڄار وڇايو آهي، ان ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ عالمي معيار جهڙو دل جو علاج ٿئي ٿو. جگر جي علاج لاءِ صوبي ۽ ملڪ جي عوام کي هندوستان وڃڻو پوندو هو پر اهو علاج گمبٽ کان ويندي ڪراچي تائين مفت ۾ ڪيو ويندو آهي جتي چئني صوبن کان ماڻهو سنڌ اچي علاج ڪرائين ٿا اهو سڀ ڪجهه پيپلز پارٽي ۽ عوام جي ڪري ممڪن ٿيو آهي، سنڌ حڪومت سرسو ۽ پيپلز ۽ پاورٽي پروگرام جي ذريعي 10 لک عورتن کي بنا وياج قرض ڏئي معاشي طور مضبوط ڪري غربت سان وڙهي رهي آهي پر تاريخي منصوبو پيپلز هائوسنگ انيشيٽو اسڪيم آهي جنهن تحت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ گهر ٺهي رهيا آهن، شهيد ڀٽو عوام کي زمين جو مالڪ بڻايو ۽ آئون 20 لک خاندانن کي گهر ڏيڻ سان گڏ زمين جو مالڪ به بڻائي رهيو آهيان. هن چيو ته هڪڙو ماڻهو هو جنهن 10 لک گهرن جو خواب ڏيکاريو پر اسان 20 لک ٺاهي رهيا آهيون، هي منصوبو نه رڳو پاڪستان جو پر پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گهر ٺاهڻ جو منصوبو آهي، جيڪو منصوبو پيپلز پارٽي ٺاهي رهي آهي، جنهن سان نه رڳو اسان عوام کي معاشي طور مضبوط ڪري ايندڙ قدرتي آفتن کان محفوط بڻائي رهيا آهيون پر گڏوگڏ 20 لک گهر ٺاهي 10 لک روزگار جا به موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، هن منصوبي جي ذريعي اسان جي ڪوشش آهي ته عورتن جي نالي اهي گهر ۽ زمينون ڪيون ته جيئن عورتون بااختيار بڻجي سگهن ۽ هن وقت عورتن جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کلي رهيا آهن جنهن سان عورتون بااختيار ٿينديون، اسان هي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان سکيو، اسان سياست کي عبادت سمجهيو آهي نه ڪي نفرت ۽ ويڙهائڻ جي سياست ڪئي آهي، اسان عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين، هي منصوبو ان ڪري ممڪن ٿيو ته آئون ٻوڏ دوران توهان جو پرڏيهي وزير هيس ۽ پوري دنيا کي قائل ڪيو ته موسمي تبديلي جي ڪري اسان جو جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي ان ۾ اسان جو ڪو ڏوهه نه آهي پر اهو ڏوهه توهان جو آهي جنهن ڪري اسان جا ماڻهو ٻڏي رهيا آهن ۽ تاريخ ۾ سڀني کي گڏجي ويهاري چيو ته پوري دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي، آئون چين، يورپ سميت ٻين هنڌن تي ويس ۽ پوري دنيا اسان جي مدد ڪئي، اسان وفاق کي مڃرايو ته هي تاريخي قدرتي آفت آهي، هن جو هڪ ماڻهو، صوبائي حڪومت يا ملڪ مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، سڀئي مقابلو ڪري ماڻهن کي بچائينداسين، آئون پوري دنيا ۽ وفاقي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جيڪي هن منصوبي تي اسان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن ۽ هي منصوبو ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان جي جيڪا ذميواري هوندي آهي اسين ان ذميواري کي پورو ڪندا آهيون، آئون پرڏيهي وزير بڻيس ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي موجودگيءَ ۾ بحث ڪرايو ته پوري دنيا ۾ مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو آهي، ان خلاف آواز اٿاريو، اسان پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف (فيٽف) جي شرطن مان ڪڍي جي پي ايس پلس تائين پهچايو، موسمي تبديلي جي جنگ جنهن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ شامل آهي اها جنگ آئون پرڏيهي وزير طور عالمي سطح تي پاڻي جو ڪيس وڙهي آيو آهيان ته اسان کي سنڌوءَ کي بچائڻو آهي، ان وقت ٻيا سڀ سُتل هئا اسان کي سنڌو کي فعال، بحال ۽ صحتياب ڪرڻو آهي، اچو پاڪستان جو ساٿ ڏيو، هي جيڪو هڪ زماني ۾ مائٽي انڊس چيو ويندو هو ان کي اسان کي بچائڻو آهي، آئون دنيا جو شڪرگذار آهيان ته هو اسان جي ڳالهه مڃي رهيا آهن ته اسان کي مالي طور تي انڊس بيسن کي فعال ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، هو اسان کي ٽيڪنالاجي جي طور تي انڊس کي بچائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن آئون پرڏيهي وزير هيس ته هندوستان پاڻي تي هڪ طرفا فيصلا ڪندو هو ان وقت مان هندوستان جو مقابلو ڪندو هيس ۽ ڪندو رهندس، سامونڊي علائقن ۽ پُڇڙي وارن جو حق ۽ عوام جو ڪيس آهي اهو اسان عالمي دنيا ۾ کڻي وڙهندا پيا اچون، مون ائين نه چيو ته آئون متفقه آئيني ترميم ڪري آيو آهيان، ماحولياتي حق ۾ پاڻي ۽ ٻيا منصوبا آهن اهي اڳ نه هئا انهن کي اسان آئين ۾ شامل ڪيو، اهي حق هاڻي پيپلز پارٽي حق ڏياريا آهن، اسان عوام جو پراڻو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل وارو ڪيس به کٽيو، قائد عوام جي عدالتي قتل کانپوءِ اسان آئيني عدالتون قائم ڪرايون جيڪا شڪايتون اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي ڪيس ۾ ٻڌيون پر اهي هاڻي ٻڌڻ ۾ نه اينديون، آئيني عدالتن ۾ چئني صوبن جي برابر نمائندگي هوندي، جتي ماضيءَ جي ڪاميابين تي فخر ڪندا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، اسان جي مٿان اِهو به فرض آهي ته اسان اڄ جي موجوده مسئلن کي منهن ڏيون، پاڪستان تاريخي مسئلن مان گذري رهيو آهي، پ پ پ جو هر نمائندو ڪارڪن کان قيادت تائين اسان جي ذميواري آهي ته اسان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون پر اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ ۾ ٽئين سياسي طاقت آهي، اسان شايد 100 سيڪڙو پنهنجي مرضي حاصل نه ڪيون پر اسان مثبت سياست تي يقين رکون ٿا جنهن سان ئي اسان عوام جي نمائندگي ڪري سگهون ٿا، پاڪستان هن وقت هر طرف کان مسئلن جو شڪار آهي، معاشي بحران، دهشتگردي عروج تي آهي، عالمي سطح تي سازشون جاري آهن ته جيئن پاڪستان کي نقصان پهچي ۽ اندروني سياست ان حد تائين پهتي آهي جنهن سان پوري معاشري کي نقصان ٿي رهيو آهي، هي نفرت ۽ ورڇ واري سياست ڪندڙ اسان جي ايندڙ نسلن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ڪهڙو آپشن آهي؟ ڇا اسان کي به اها ئي نفرت ۽ ورڇ جي سياست ڪرڻ گهرجي يا اميد، يڪجهتي ۽ مثبت سياست ڪرڻ گهرجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کي مثبت سياست سيکاري آهي جيڪا اسين ڪندا پيا اچون ۽ ڪندا رهنداسين، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين دهشتگردي خلاف آواز اٿاريو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو دهشتگردي خلاف سڀ کان وڏو آواز هئي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪندي پيپلزپارٽي سڀ کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، عالمي سازشن ۽ ملڪ جي غلطين جي ڪري دهشتگردي جي ٻي لهر بلوچستان کان وٺي ڪي پي ڪي تائين عروج تي آهي جتي اسان جون اندروني ڪمزوريون آهن انهن کي درست ڪرڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور ۽ ايجنڊا ۾ ماضيءَ ۾ به رهيون آهن ۽ اڄ به موجود آهي ۽ ان تي اسان ڪم ڪندي احساس محرومي کي ختم ڪري پٺتي پيل علائقن کي ترجيح ڏئي، صوبائي خودمختياري تي صحيح معنيٰ ۾ عمل درآمد ڪري، جمهوريت ۽ انساني حقن کي فعال ڪري ئي اسان اها نظرياتي جنگ کٽي سگهون ٿا، هن وقت فوري طور تي اسان کي انهن درندن جو مقابلو ڪرڻو آهي جيڪي پاڪستان جي عوام جي خون جي هولي کيڏي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهي ماڻهو پنهنجي سياسي منزل حاصل ڪرڻ ۽ عالمي سهولتڪارن جي ذريعي سازشن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جي عوام کي شهيد ڪري رهيا آهن. ڪي پي ڪي ۾ رمضان جي مهيني ۾ ڪنهن مسجد ۾ مسلمان عبادت ڪندا آهن ته خودڪش حملي سان ماڻهن کي شهيد ڪيو ٿو وڃي ۽ بلوچستان جي غريب مظلوم ماڻهن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ٿو وڃي، اسان جي قائدين کي لياقت باغ جي روڊن تي خودڪش حملن ۾ شهيد ڪيو ٿو وڃي، ڪراچيءَ ۾ بلوچستان جي ڀينرن کي خودڪش بڻائي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري اسان جي مهمانن تي حملي جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، دهشتگرد ڪڏهن مذهب، قومپرستي ۽ عليحدگي پرستي جي پٺيان لڪندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اصل ۾ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا ڪا به قوم ناهي هوندي، هي رانديڪا ۽ پيشيور قاتل جيڪي هر هنڌ موجود هوندا آهن جيڪي پنهنجي قوم ۽ مذهب کي عالمي طاقتن کي وڪرو ڪري انهن جي طاقت ۽ پئسي تي پنهنجي ئي مذهب ۽ قوم جي ماڻهن کي قتل ۽ شهيد ڪندا آهن، دهشتگردن خلاف اسان اڳ ۾ به مقابلو ڪري شڪست ڏني آهي ۽ اڄ به عوام سان ملي شڪست ڏينداسين، اسان سياسي طور تي عالمي سطح تي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين، دهشتگرد هاڻي پاڪستان جي عوام سان جنگ جوٽي چڪا آهن، اسان کي هن ون پوائنٽ ايجنڊا تي ته پنهنجي عوام کي تحفظ ڏيارڻو آهي ۽ بيگناهن جي قتل جو حساب وٺڻو آهي، اسان کي پنهنجي سياسي اختلافن کي هڪ حد تائين ختم ڪرڻو پوندو، ائين ته اسان کي به گهڻيون شڪايتون هونديون جيڪي اسان ڪندا رهنداسين پر اسان محب وطن آهيون ۽ اهو اسان جو حق آهي ته اسان دهشتگردن جو مقابلو ڪري انهن کي جواب ڏيون ۽ ان لاءِ پارٽي جو هر ڪارڪن گڏ آهي، هن وقت حڪومت ۽ وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم جو اهم ڪردار آهي ۽ اسان پيپلز پارٽي جي جهنڊي هيٺ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين ۽ مخالف ڌر کي اپيل آهي ته اهي به پنهنجو ڪردار ادا ڪن باقي انهن کي سياست جو حق آهي، پيپلزپارٽي انهن جي سياست تي ڪو به اعتراض نه ڪندي پر جتي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عالمي سازشن جي ڳالهه آهي ته اتي مخالف ڌر کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪا به هڪ پارٽي يا صوبو دهشگردن ۽ عالمي قوتن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن پر انهن کي متحد ٿي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته عوام جي ترقي معاشي ترقي سان ڳنڍيل آهي جتي عوام کي بيروزگاري ۽ غربت جي لڪير کان ڪڍڻ جو مسئلو آهي حڪومت دعويٰ به ڪري رهي آهي پر اسان حڪومت جي انهن ڪاميابين کي ڀليڪار ڪندي اميد ٿا ڪيون ته ان سان عوام کي ريليف ملندو ۽ عوام کي روزگار جا موقعا ملندا، اسان محدود وسيلن جي ذريعي عوام کي ريليف فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته ماڊرن ٽيڪنالاجي استعمال ڪري سنڌ جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري پر ان ۾ وفاق جي ترجيح جي ضرورت آهي ته پاڪستان جي عوام جو اِهو مطالبو آهي جتي حڪومت مهانگائي کي قابو ڪيو آهي ائين روزگار جو به بندوبست ڪرڻو پوندو جيڪا حڪومت جي ذميواري آهي ته جيئن هو روزگار جا موقعا فراهم ڪري، اسان چاهيون ٿا ته ٿرپارڪر جي ماڊل وانگر ترقي ٿئي جتي ڪوئلي جي منصوبي ۾ ڪمپنين کي حصيدار بڻايون جنهن سان مقامي ماڻهن کي فائدو پهچي ۽ اسان ٿرپارڪر ۾ زور ڏنو ته اتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻو آهي اسان جنهن نموني ٿرپارڪر ۾ انقلاب آندو آهي جتي عورتون ٽرڪ ڊرائيور کان انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن ۽ اهڙي طرح اسين پوري پاڪستان ۾ ترقي چاهيون ٿا، اسان حڪومت سان ويهي ڪوشش ڪئي ته پٺتي پيل علائقن جي ترقي ٿئي ۽ حڪومت اسان سان طئي به ڪيو هو ته چئني صوبن جي پي ايس ڊي پي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ٺاهيندا، آئون يقين ڏياريان ٿو ته مشاورت کان بنا ووٽ نه ڏينداسين ۽ حڪومت سان گڏجي ويهي پي ايس ڊي پي بجيٽ ٺاهينداسين، اسان سدائين مثبت سياست تي زور ڏنو آهي ۽ ان سان عوام جي مسئلن جو حل ڪڍنداسين، اسان سدائين وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، صوبن کي حق ڏنا آهن جيڪي حق تاريخ ۾ ٻين ڪو نه ڏنا، ون يونٽ کان پوءِ شهيد ڀٽو جي آئين جي نتيجي ۾ چار صوبا ٺهيا ۽ اين ايف ڊبليو پي به ٺهيو، هن وفاق کي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن رت ۽ پگهر جي قرباني سان جوڙي ۽ بچائي رکيو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو چئني صوبن جي زنجير هئي، آئون شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پٽ آهيان، آئون سدائين وفاق سان گڏ بيهي هر سازش کي ناڪام بڻائيندو رهندس، اسان ته پاڪستان کپي چوڻ وارا آهيون، پاڪستان نه کپي نه کپي چوڻ وارا نه آهيون، هي دهشتگرد پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهن ٿا، سوات مان پاڪستان جي جهنڊي کي لاهڻ چاهن پيا پر شهيد بي بي واعدو ڪيو ته هو سوات ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائيندي ۽ اهو ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪري ڏيکاريو، اسان پنهنجي شهيدن کي دفنائي پاڪستان کپي جو نعرو هڻندا آهيون، اڄ جيڪڏهن پاڪستان جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪنهن کي اِهو خواب اچي ته انهن کي پاڪستان جو جهنڊو لاهڻو آهي ته انهن کي سڀ کان پهرين پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي دهشتگرد ڪڏهن مذهب ۽ عليحدگي پسند جي نالي تي ملڪ کي ٽوڙڻ چاهين ٿا اسان پاڪستان کپي سان انهن کي جواب ڏينداسين، جيڪي پاڪستان جي معاشي ترقي روڪي عوام کي معاشي ترقي ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن پيا اسان انهن جي به سازشن کي ناڪام بڻائينداسين، جيڪي پاڪستان جي وفاق کي نقصان پهچائڻ، بلوچستان جي حالتن جو فائدو وٺي اسان جي ملڪ، پاڪستان ۽ وفاق کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، جيڪي ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي ۽ خوف پکيڙي اتان جي حالتن کي خراب ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائي ٽوڙڻ چاهين ٿيا، جيڪي پنجاب جي پٺتي پيل علائقن جي محرومين کي استعمال ڪري نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، جيڪي سنڌ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا، آئون سياسي ۽ غيرسياسي قوتن کي ٻڌائي خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان ته انهن کي به پاڪستان پيپلز پارٽي جواب ڏئي انهن جي رستا روڪ ڪندي. هن چيو ته جيستائين پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ جي ڳالهه آهي ان لاءِ اسان جي تاريخ توهان جي سامهون آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو تڪراري ڊيم منصوبي کي روڪرائي ڇڏيو، ان وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ نه هئي پر سڀ کان پهرين آواز لاهور جي جيالن آواز اٿاريو ۽ سڀ کان پهرين ميدان تي لاهور جو جهانگير بدر لٿو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته اهو منصوبو محترمه بينظير ڀٽو ڪيئن روڪرايو ۽ ان جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي جو ذڪر ضرور ٿيندو ۽ اها محترمه بينظير ڀٽو هئي جنهن جدوجهد ڪرائي ان منصوبي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان وقت پاڻي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف اعلان ڪيو هو ته ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو ختم ٿي چڪو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻي ڪينالن جي مخالفت به پيپلزپارٽي ڪري رهي آهي جيڪا اڪيلي سر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ پاڻي جو ڪيس عالمي سطح تي وڙهي رهي آهي. هن چيو ته آئون موهن جي دڙي مان آهيان، اسان کي ٻيو ڪو به نه سيکاري ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان هزارين سالن کان درياءَ تي پوکيءَ ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي اهو ئي ڪم اچي ٿو. هي جدوجهد ڪلهه جي نه پر هي جدوجهد مشرف ۽ عمران خان جي دور ۾ تڪراري ڪئنالن جي يڪطرفي منظوري کان هلندي پئي اچي، تنهن ڪري پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن چوندا آيو آهي ته سنڌوءَ تي ڪينال نامنظور، اسان ماضيءَ ۾ به ارسا جي رپورٽ جي مخالفت ڪئي ته سالن کان وٺي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کان علاوه پنجاب ۽ بلوچستان جي پاڻي کوٽ بابت ڇا ٿا چون، هن وقت پنجاب جو هاري پوري دنيا ۾ مشهور آهي، پنجاب جي هارين جون پڻ شڪايتون آهن ته پاڻي جي کوٽ ٿي ته ڏکڻ پنجاب جي هارين کي به نقصان ٿيندو ۽ اهي اعتراض تمام پراڻا آهن. مشرف يا عمران خان يا موجوده دور هجي اهڙو ڪو فورم يا مورچو نه رهيو آهي جتي مون کان وٺي منهنجي جيالن ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل نمائندن ۽ صدر تائين جدوجهد نه ڪئي هجي ۽ آواز نه اٿاريو هجي، سڀ کان پهرين ڪئنالن جي خلاف مون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي آواز اٿاريو، هنن کي اڄ ياد آيو آهي، اسان اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنسون ڪيون، نئون ديرو ۽ رتوديرو ۾ صاف پاڻي جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي مون چيو هو ته اسان ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، 27 ڊسمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن گڏجي هڪطرفي کي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو هو، ان کانپوءِ جنوريءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ اسلام آباد ۾ پارٽي جي ميٽنگ ۾ اسان چيو ته اسان حڪومت کان ناراض آهيون ۽ هڪ سال ٿي ويو آهي اسان حڪومت ۾ شامل ناهيون ٿيدا ۽ نه ئي وزارتون ورتيون ۽ اسان چيو ته ڪئنالن جو فيصلو هڪطرفو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي ان کي سپورٽ نه ڪندي، صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل سيشن ۾ پوري دنيا کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري هڪطرفي فيصلي جي مخالفت ڪريان ٿو جيڪو وفاق کي نقصان پهچائي رهيو آهي پر هي اُهي قوتون آهن جن کي زرداري فوبيا آهي انهن کي هر شيءَ جي پٺيان زرداري نظر ايندو آهي. انهن کي صدر زرداري کان ايترو خوف آهي جو کين ننڊ ۽ خواب ۾ به صدر زرداري نظر ايندو آهي هي اٿندا ۽ رڙيون ڪندا آهن،. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي پاڪستان کپي جي نعري هنن جي پاڪستان نه کپي جي نعري کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، اهو وفاق تي ڪيئن سودو ڪري سگهي ٿو اهو ممڪن ئي ناهي، اسان کي نفرت ۽ ورڇ واري سياست کي جواب ڏيڻو پوندو، چار صوبا چار ڀائر آهن جيڪي گڏجي فيصلا ڪن ته سڄي دنيا جي طاقت به ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي.